صوفي شاهه عنايت جو شاهه لطيف تي فڪري اثر
(Intellectual Influence of Shah Inayat on Shah Latif`s thought)

ڊاڪٽر حفيظ قريشي
Abstract:

Shah Inayatullah Shaheed a Sufi by nature was a great reformer of early eighteenth century in Sindh. He distributed all his Jagir (fiefdom) to poor peasant commumity of lower Sindh of that time. His popular slogan which became key reforming act later was that the real ownership of land belongs to those who rear the land; every farmer has full right over his land which he cultivates. In those early days, Sindh was governed by different Mughul emperors who assigned political powers in different parts of Sindh. The lower Sindh remained under the rule of Nawab Azam khan while Northern Sindh was under the rule of the Abbasis who had rights to impose and collect the taxes on revenue generation.Shah Inayatullah Sufi introduced agro-economic reforms to maintain the financial condition of poor farmers. Because of his land reforms initiatives, he got immense popularity among peasants of that area. The feudals and Pirs (spiritual leaders) got threatened due to these reforms. Their economic dominancy was faced with a great danger. They started many conspiracies to hamper these reforms to continue the status quo. Under this situation, the time came when Nawab Azam and Army of Kalhora fought a full length war for four months at Jhoke sharif. Being tired, the Kalhoras and also Mughuls approached Shah Innyatullah for immediate cessation of war and for restoration of peace. But it was a great conspiracy where Shah Inayat and his associates were martyred on 7th January 1718. The Shah of Bhit was very much influenced by the Sufi Shah Inayatullah, who was his contemporary. This article tries to prove the intellectual relationship of Shah Abdul latif with Shah Inayat.

شاهه عنايت جي جنم جو سال معلوم نه آهي، سندس والد مخدوم فضل الله، هڪ الله لوڪ درويش صفت انسان هو. هنن جي وڏن ۾ هڪ بُزرگ، مخدوم صّدهو لانگاهه، نصريه واهڻ، ٺٽي ضلعي جي بٺوري پرڳڻي جو رهواسي هو. هنن جو نسلي لاڳاپو ڏکڻ کان وٺي، اُتر سنڌ- اڳوڻيءَ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ملتان تائين، پکڙيل لانگاهه قبيلي سان هو.
آخري مغل شاهي دور ۾، نواب اعظم خان، ٺٽي جو نواب (1132هه/1715ع- 1720ع ۾) مقرر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ ڏڪار منهن ڪڍيو، جيڪو سانده چار سال (1715ع - 1718ع) تائين جاري رهيو.
اُتر سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو بنياد، 1701ع ۾، مغلن جي مقاطيدار طور پئجي چڪو هو. ماڻهو ڍل ڀرڻ جوڳا نه رهيا هئا ۽ ’تنگ آخر جنگ‘ واري پهاڪي موجب، هنن جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت جي اڳواڻيءَ ۾، مغل شاهي ۽ انهن جي ساٿارين جي عوامي پٽ کوهه ۽ استحصال خلاف سنڌ جي اصلوڪي عوام جي خوشحالي ۽ گڏيل پوکي راهي ڪرڻ وارو هڪ عملي ۽ مثالي اتحاد جوڙيو.
ڏکڻ سنڌ ۾ اُنهيءَ مغل حڪومتي دور (1591-1738ع) جي معاشي صورتحال بابت مختصر نموني ’نويد فڪر‘ ۾ سبط حسن لکي ٿو ته:
”سن 1591ع ۾ سنڌ کي اڪبر بادشاهه جي حڪم هيٺ فتح ڪيو ويو ۽ مرزا جاني بيگ کي ان جو غير حاضر حڪمران تسليم ڪيو ويو. ان کان پوءِ هن جو پٽ مرزا عيسيٰ ترخان سنڌ جو ڏن ڏيندڙ ٻيو حڪمران تسليم ڪيو ويو. هن جي مرڻ بعد، 1614ع ۾ جهانگير پاران، سنڌ کي الڳ صوبو بڻايو ويو. ڏکڻ سنڌ جي ٺٽي ۾ 1614ع کان 1732ع تائين، 118 سالن ۾ ستهٺ نواب ۽ صوبيدار آباد ٿي ويا ۽ انهن جو سراسري مدو ڏيڍ سال کان مٿي نه هو. ڪيترا نواب ته دهليءَ کان ٺٽي آيا ئي ڪونه، هنن پنهنجا نائب موڪلي ڇڏيا. سنڌ جو هيڪلو وڏو لاهري بندر ’خالصه جاگير‘ ۾ آندو ويو. ان سان، صوبي جي مالي اُپت بنهه گهٽجي وئي. سن 1732ع ۾ دهلي حڪومت پاران، نواب امير خان کي سڄو سنڌ صوبو جاگير طور ڏنو ويو. هن، ان کي ٺيڪي ۾ دلير خان حوالي ڪيو، دلير خان جي مرڻ کان پوءِ صادق علي خان کي ڏنو ويو. هن کي محصولن ۽ ڍلن جي اوڳاڙيءَ ۾ نقصان ٿيو، ته هُن، ڏکڻ سنڌ، 1738ع ۾، ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي جي حوالي ڪئي.“ (1)
کيت کيڙيندڙ جا اسلامي حق: اسلام ۾ زرعي زمين جي مالڪي رڳو، پوکيندڙ وٽ هوندي آهي، سا به ايستائين، جيستائين هو زمين تي پوکي راهي ڪري سگهندو. شاهه عنايت، انهيءَ اصول ۽ متي تي هلندي، زمين، پوکيندڙن جي حوالي ڪندي نظر اچي ٿو. ’کيتي کيڙيندڙ جي آهي‘ واري اِها ڳالهه، لينن ۽ مائوزي تنگ واري انقلاب کان ڀريا ٻه سؤ ۽ اڍائي سؤ ورهيه آڳاٽي آهي.
مولانا محمد تقي اميني، هدايه، باب المزارعته جي حوالي نعمان بن ثابت امام ابوحنيفه (80هه/699ع – 150هه/767ع) جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”لاتجوزاالمزارعة و المساقَاةَ عندابي حنيفة“
]ٻنيون ۽ وڻ (باغ) بٽائي تي ڏيڻ ٻئي ڳالهيون امام ابوحنيفه وٽ ناجز آهن.[ (2)
هو مزارعت (هارپي) ۽ مساقاة جي وچ ۾ فرق ٻڌائيندي لکي ٿو ته:
”اَنُ اُپائيندڙ ٻنيءَ جو بٽئي تي ڏيڻ، ’مزارعت‘ آهي ۽ ڦلدار باغ بٽئي تي ڏيڻ وارو معاملو ’مساقاة‘ آهي....“
امام ابوحنيفه جو آخري وقت، انهيءَ هارپي واري حق بابت ڏنل فتوى جي ڪري نظربنديءَ ۾ گذريو هو. هن جي وفات به انهيءَ نظربنديءَ واري حالت ۾ ٿي هئي.
”هن جي ٻن شاگردن/امام يوسف رحه ۽ امام محمد ان جي جواز ۾ فتويٰ ڏني.“ (3)
مولوي محمد تقي اميني، ڪتاب، ’اسلام کا زرعي نظام‘ ۾ لکي ٿو ته:
”حضرت بلال بن حارث کي رسول ﷺ عقيق جي ماٿري ڏني هئي. ان زمين بابت حضرت عمر wپاران، آباد ڪيل زمين کان وڌيڪ غيرآباد زمين خلافت (رياست) جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته: ”جيتري زمين آباد ڪري سگهين، اوتري آباد ڪر، باقي خلافت جي حوالي ڪري ڇڏ.“ (4)
حضرت طلحه w کي قطع زمين بابت حضرت عمر w ايستائين به چيو هو ته:
”اهٰذا كله لك دون الناس“
ڇا هي سڀ توکي ملي وڃي ۽ ٻيا محروم رهن. (5)
شاهه ولي الله، ان بابت چيو آهي ته:
”ولا يقطع الا قدر ايتاتي العمل عليه“
ايترو مقدار ۾ قطيعيه (زمين ٽڪرو) ڏنو وڃي، جنهن تي هو سولائيءَ سان ڪم ڪري سگهي.“ (6)
هن مسلم بخاريءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته، رسول ﷺ فرمايو ته:
”لايتاع ولا توهب ولا تورث“
(اها زمين وڪرو نه ڪئي وڃي، نه سوکڙي ۽ وراثت ۾ ڏني وڃي).(7)
مولانا محمد تقي اميني، ’اسلام کا زرعي نظام‘ ۾ لکي ٿو ته:
”امام ابوحنيفه، ساڳيو سلسلو اختيار ڪيو، جيڪو خلافت جي زماني ۾ هو. هن، ماڻهن کي ان ڪري منع ڪئي جو ان ڳالهه مان ناجائز فائدو وٺي هارين جي محنت کي کائڻ وارو طبقو نه پيدا ٿئي.“ (8)
شاهه عنايت جي تعليم ۽ تربيت: شاهه عنايت شهيد، هڪ سچو ۽ حقيقي صوفي انسان هو، شاهه لطيف جي ٻوليءَ ۾ هو ’فنا في الشيخ‘ جي انهيءَ منزل تي پهتل نظر اچي ٿو، جتي صوفي، ”ري لانگوٽيءَ لب، پاڇي ڪن نه پاڻ سين.“ واريءَ حقيقت جي تصوير بڻجي ويندا آهن ’ديوان عطا‘ جي مقدمي ۾ سيد مطيع الله راشد، ’برهانپوري‘ لکيو آهي ته:
”شاهه عنايت الله کي شيخ عبدالملڪ شيخ دکن (غالباً گلبرگه) کان بيعت ۽ خلافت مليل هئي. شاهه صاحب صوفياني طريقي موجب، ”فنا في الشيخ“ جي منزل مان لنگهي چڪو هو، جنهن ۾ مريد، مرشد جي ذات ۾ محو ٿي وڃي ٿو ۽ هو هر نمودار چيز کي شيخ يا مرشد ئي سمجهڻ لڳندو آهي، بلڪ مرشد کي معبود ۽ مسجود پڻ سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ اصول جي بنا تي وٽن تعظيمي سجدو ڪرڻ به رائج هو.“ (9)
سبط حسن، ’نويدِ فڪر‘ ۾ سندن طريقت واري تعليم حاصل ڪرڻ بابت لکي ٿو ته:
”شاهه عنايت الله صوفي، شروعات کان وٺي حق جي ڳولا ۾ وڏو سير ۽ سفر ڪيو ۽ گهڻي وقت کان پوءِ دکن وڃي ’شاهه عبدالمالڪ‘ سان ملاقات ڪئي ۽ سندن صحبت مان فيض پرائي، ڪري دهليءَ جو رُخ ڪيو ۽ اُتي هڪ بزرگ، شاهه غلام محمد کان ظاهري علم جي تعليم حاصل ڪئي. هي استاد، پنهنجي شاگرد سان گڏ ٺٽي هليو آيو. شاهه غلام محمد کي شريعت کان وڌيڪ طريقت جو رستو پسند هو. ان ڪري ٺٽي جي عالمن، انهن تي تعزير مڙهي شرعي عدالت ۾ پيش ڪيو. الله وارن کي سدائين عالمن کان تڪليفون پهتيون آهن.“ (10)
اهڙي صورت حال کي ڏسندي شاهه عنايت الله، کين دهلي واپس ورڻ جو مشورو ڏنو ۽ هو دهلي هليو ويو.
شاهه عنايت ۽ پوکي راهي جو نظام: سيد مطيع الله راشد، ’برهانپوري‘، ديوانِ عطا جي مقدمه ۾ شاهه عنايت الله پاران پنهنجي جاگير تي، هاري دوست نظام جي جي ابتدا آڻڻ، هارين جي خوشحاليءَ ۽ تر جي پيرن ۽ زميندارن ۾ مخالفت پيدا ٿيڻ بابت لکي ٿو ته:
”جهوڪ شريف ۾ سنڌ جو مشهور بزرگ ۽ مشائخ عصر، شاهه عنايت الله صوفي، پنهنجن فقيرن جي جماعت سان گڏ رهندو هو. شاهي فرمانن موجب کين جاگير مليل هئي، جا پاڻ پنهنجن فقيرن جي حوالي ڪري ڇڏي هئائون. فقير اها زمين پوکيندا هئا، ۽ آرام سان پيا زندگي ڪٽيندا هئا. فقيرن جي خوشحالي ڏسي، غريب ۽ تنگ دست ماڻهو، شاهه صاحب وٽ اچي رهڻ لڳا. انهن ۾ ڪي ماڻهو، بلڙيءَ جي ساداتن جا نوڪر چاڪر ۽ هاري هئا. ايترن ماڻهن جي نڪري وڃڻ ڪري، بلڙيءَ جي ساداتن جون محفلون ٿڌيون ٿينديون ويون ۽ شاهه عنايت الله صوفيءَ جي خانقاهه ۾ ڏينهون ڏينهن رونق وڌندي وئي، ۽ وٽن چڱو خاصو اجتماع گڏ ٿي ويو. سادات انهيءَ تي باهه ٿي ويا، ۽ انهيءَ ڳالهه، ٻنهي جي وچ ۾ دشمنيءَ جو بنياد وڌو.“ (11)
شاهه عنايت جهوڪ واري، انهيءَ دور جي هارين جي حالت زار جو ڳوڙهو مشاهدو، حيدرآباد دکن مان تعليم پرائي موٽڻ بعد ڪيو ته ڏاڍو زميندار، ڪهڙيءَ ريت هاريءَ جي سڄي محنت قرضن ۽ ٻين ڏيتين ليتين جو عذر بڻائي، کڻي ويندو هو، ان بابت سيد حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته:
”شاهه عنايت، پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏيئي، پيداوار تي مساوي حق ۽ حصي جي رٿا تي (پاڻ) ۽ مريدن، ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي گڏي، انهيءَ اسڪيم تي عملي قدم کنيو. سندس ڳوٺاڻا، سندس اهل خاندان ۽ سندس مريد يا هاري ناري گڏجي زمين ۾ هَر ڪاهيندا هئا. آمدنيءَ ۽ پيداوار تي سڀني جو گڏيل حق هو ۽ ونڊڻ وقت هرڪو هڪ جيترو، اَن ورهائي کڻندو هو. اهو تجربو ڪامياب ٿيو. انهيءَ رٿا ۾ شامل ٿيل ماڻهو، مطمئن ٿي ويا ۽ سندن اقتصادي حالت سڌرندي وئي، هرڪو ريان کيان ڏسڻ ۾ آيو ٿي.“ (12)
اُنهيءَ دور ۾، ڏڪر جي ماريل سنڌ ۾ ڪٿي به پوکي راهي ڪندڙن ۾ خوشحالي نه هئي، رڳو صوفي شاهه عنايت لانگاهه جي علائقي ۾ هڪ مثالي خوشحاليءَ وارو سماج موجود هو. ان ڪري عام ماڻهن جي پَٽ کوهه ۽ استحصال ڪندڙن کي اِها ڳالهه نٿي وڻي. ٻئي طرف سنڌ جا ڪڙمي ۽ هاري جيڪي اڳي ئي ڌارين: ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي سوا ٻه سو ورهين (1522-1738ع) تائين واري دور وارن حڪمرانن جي ظالم حڪومتن هٿان پيڙهجي چڪا هئا. سي شاهه عنايت جهوڪ واري جي جهنڊي ۽ نعري ’کيتي کيڙيندڙ جي آهي‘ هيٺ اچي گڏ ٿيا.
الله سندي راڄ ۾ جو کيڙي سو کائي،
واءِ تنين کي واءِ، جي پوک پرائي ڏوتيا.
سيد حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي هڪ مضمون، ’سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ، شاهه عنايت صوفي‘ ۾ اُن دور جي طبقاتي ۽ ڌارين جي حڪمراني جي ور ورچڙهيل، سنڌي سماج جو نقشو پيش ڪري ٿو ته:
”سنڌ جون مقامي قوتون، وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي ٻڌل هيون. باهمي نفاق، مسهائپ ۽ حسد، بغض ۽ عناد جي باوجود، سنڌ جي غريب عوام تي انهن ئي سڀني قوتن جو گڏيل قبضو هو. جنهنڪري هتان جي رهاڪن جو جسم غلام، ذهن مفلوج، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت سلب ۽ سڀيئي انساني حق کانئن کسيل هئا. سنڌ، هڪ عجيب غريب بحراني ڪيفيت ۾ مبتلا هئي، ۽ بيان ڪيل حالتن، سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان زياده، زبون ۽ بدتر ڪري ڇڏي هئي. آبِ رسانيءَ جو سلسلو پوريءَ ريت ڪونه هو، نه چارن پيچرن کان سواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاهي سڙڪون هيون، افلاس، تنگدستي ۽ بک جي پيڙا انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪنهن به مظلوم جو سڏ ۽ واڪو ڪونه ٿي سڻيو.“ (13)
پير حسام الدين شاهه راشدي انهيءَ مغل حڪومتي دور، بکر- اُتر سنڌ ۾ ( 1575-1679ع ) ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ (1591-1738ع) بابت ڪتاب، ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ تت ڏيندي لکي ٿو ته:
”جهوڪ جا هاري ۽ آبادگار، شاهه عنايت جي سربراهيءَ ۾ مغل نوابن جي جارحانه حملي خلاف، منظم طور وڙهيا. جڏهن مغل نوابن کي پنهنجيءَ شڪست جو يقين ٿي ويو، ته نواب اعظم خان قرآن جو وچ ۾ واسطو رکي، شاهه عنايت کي صلح لاءِ ٺٽي ۾ گهرايو، ساڻس اِهوئي ڪيائون، جيڪو منصور جومَرڪ هو يا جيڪو سرمد سان ٿي چڪو هو.“ (14)
دهليءَ جي ظالم حڪومت ۽ هڪ شاعر جو قتل: ان دور جو مزاحيه شاعر، جعفر زٽلي جيڪو ماڻهن کي کلائڻ جو ڪم ڪندو هو. دهليءَ جو مغل حاڪم، شهنشاهه ’فرخ سير‘ جيڪو 1713ع کان 1719ع تائين دهلي سلطنت جو حاڪم رهيو، هڪ وڏو ظالم ۽ عياش حڪمران هو. هن پنهنجي سڳي چاچي کي قتل ڪري اقتدار حاصل ڪيو ۽ هر اُنهيءَ انسان کي مارائيندو ۽ طرح طرح جون سزائون ڏيندو هو. جنهن ۾ زبان ڪپڻ، انڌو ڪري قيد خاني ۾ رکڻ ۽ ٻيون عقوبتون ڏيندو هو، هُن جي دور ۾ ايستائين جو شاعر به محفوظ نه هئا. ان ريت هي مزاحيه شاعر، جعفر زٽلي به هڪ ننڍڙي ڀوڳ ڪرڻ سبب بي موت قتل ڪيو ويو.
دهليءَ تي فرخ سير پنهنجي حڪومتي سڪي (Coin) تي هي شعر لکرايو هو:
”سِکّه زد از فضل حق برسيم و زر- پارشاهه بحر و بر فَرخّ سير“
جنهن جي هجو، جعفر زٽلي هن ريت لکي ٿو ته:
سِکّه زد برگندم و موڻهه مٽر- بادشاه پشّه کش فرخّ سير
(مڇر مار بادشاهه فرخ سير ڪڻڪ، ماهه ۽ مٽر جي دال تي محصول جي مهر لڳائي رهيو آهي.) (15)
اُسرندڙ ڪلهوڙا حڪومتي دور: ڪلهوڙن زوال پذير دهليءَ جي مغل بادشاهت کان اقتدار پنهنجي مريدن جي طاقت جيڪا عسڪري پڻ هئي، ذريعي حاصل ڪيو. ايم. ايڇ. پنهور ’سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا ڇهه هزار سال‘ ۾ هن جو مختصر وچور هن ريت ڏنو آهي ته:
”ميان دين محمد ڪلهوڙي جي مغلن وٽ گرفتار هوندي، به ميان يار محمد معزالدين جي مغل لشڪر کي نئين گاج جي ڪپر تي دادو ۽ جوهي تعلقن جي سنَڌي وٽ شڪست ڏني، پر سُتت ئي مغل گورنر سان ٺاهه ڪيائين، مغلن کان سبي ۽ ڪڇي پڻ پابنديءَ سان ڏنُ ڀري ڏيڻ عيوض ورتائين. ٺٽي جي گورنر اعظم خان صوفي شاهه عنايت خلاف ساٿ ڏيڻ عيوض، جنهن جي جهوڪ ۾ هجڻ اُتان جي زميندار ۽ بلڙيءَ جي سيدن جو لُڪيءَ ۾ ساهه ڪري ڇڏيو هو. کيس انعام ۾ لاکڙي، ڏِندو، حجم، دورانڪ، رجب، پيسر، پاڄٺ، ٿور، دُٻ، جهول وغيره هاڻوڪا اُتر نوابشاهه، سيوهڻ، ڪوٽڙي، محال ڪوهستان، ٺٽو ۽ ڪراچي تعلقا ڏنا ويا. مغل درٻار پاران کيس منصدار ۽ دهلي درٻار جو نظام بڻايو ويو“ (16)
”ڪلهوڙا، حڪمران، سياسي دربدري واري زماني ۾ بلوچستان جي بروهين ۽ ڏکڻ پنجاب جي سراين ۾ پيري مريديءَ جي ڪري سگهه حاصل ڪري چڪا هئا، ۽ انهن کي 1701ع ۾ دهليءَ جي مغل حڪومت پاران اُتر سنڌ ۾ نائب طور مقرري ملي، اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جا ٻه آزاديءَ جا مرڪز، اُتر سنڌ جا ڪلهوڙا ۽ ڏکڻ سنڌ جا لانگاهه، قومي آجپي لاءِ جهيڙيندي به هڪ ٻئي جا ڀرجهلا بڻجي نه سگهيا. محمد ابراهيم جويو ڪتاب ’شاهه سچل سامي‘ ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ مغل تسلط جي ڪِرندڙ عمارت، ڪِرندي ڪِرندي به سنڌ جي ٻن آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مرڪزن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي، پنهنجو پاڻ بچائي وئي ۽ سڄا سارا ويهه سال ان کان پوءِ اُها جيئن جو تئين سنڌ جي ماڻهن جي ساهه تي چڙهي بيٺي رهي.“ (17)
جويو صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو:
”ڪلهوڙا، سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جو هڪ مک قبيلو هئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جهڙن مک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين حڪمرانن جي خلاف پنهنجي منهن وڙهندا رهندا هئا.“ (18)
ڪتاب ’شاهه، سچل، سامي‘ ۾ جويو صاحب، ڪلهوڙن پاران قومي اتحاد جوڙڻ بابت وڌيڪ لکي ٿو ته:
”سندن پهرئين وڏي ڄام چنوءَ (1220ع) جو تاريخ ۾ ذڪر هڪ نهايت معتبر راڄ جي چڱي مڙس جي حيثيت ۾ ڪيو ويو آهي. هن سيوهڻ کان ڇهه ڪوهه پري جهانگارا باجارا جا شهر ٻڌايا، هو ستن مک قبيلن: ڪوريجن، سهتن، چنن، سمن، مهرن، ٻلالن ۽ ڏهرن جو پڳدار هو.“ (19)
جويو صاحب، سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان اهم انهن راڄن جي قومي اتحاد بابت لکي ٿو ته:
”سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ پهرين خبر ملي ٿي، جڏهن مختلف ۽ هڪ کان وڌيڪ قبيلا گڏجي وسيع قومي اتحاد طرف وک کڻندي ڏسجن ٿا.“ (20)
ان کان پهرين وارا سنڌ واسي راڄ پڳدار قبيلا، انهيءَ ايڪتا واريءَ سوچ کان وانجهيل ڪڻو ڪڻو ٿيل، سنڌ جا مهندار هئا. شاهه لطيف، اهڙي اتحاد ۽ ايڪتا کي ياد ڪندي چوي ٿو ته:
ڪَڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سَنگَ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارون ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار، ڪي ثابت هوندا سنگ ۾.
هڪ لطيفي روايت ۾ انهيءَ بيت جي آخري سٽ هن طرح آهي:
”نه ڄاڻان ٻيهار، ڪي ميڙو ٿيندو سڄڻين.“
شاهه عنايت الله خلاف پيراڻي ۽ وڏيرڪي مُهم: سيد محمد مطيع الله ’راشد‘، برهانپوري، ’ديوان عطا‘ جي مقدمي ۾، استحصالي هٿيار طور ۽ پرمار قوتن پاران مذهب کي استعمال ڪرڻ واري انهيءَ ڪامورڪي ۽ وڏيرڪي ٽڪساٽ بابت لکي ٿو ته:
”شاهه صاحب جي ملحد هجڻ جي پروپئگئنڊا ڪري، عام فضا کي سندن خلاف ڪري ڇڏيو؛ چنانچه هڪ ڏينهن ماڻهن جو هجوم سندن خانقاهه تي ڪاهي آيو. شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي مقابلي ڪرڻ ۽ سامهون ٿيڻ کان منع ڪري ڇڏي. ڪجهه فقير شهيد ٿي ويا. انهن خونن جي خون بها جي دعويٰ شاهي درٻار ۾ ڪئي وئي. شاهي درٻار مان مخالفن کي فقيرن جي خون بها ڀري ڏيڻ جو فرمان جاري ٿيو. انهيءَ ڏوهه ۾ علماء، حاڪم ۽ زميندار- سڀ شريڪ هئا، سو خون بها ڪير ٿو ڀري؟“ (21)
هو، ٺٽي جي نواب اعظم خان پاران، دهليءَ جي درٻار ۾ شاهه عنايت جي هڪ ننڍڙي پر انتهائي مضبوط مرڪز ۽غريب عوام جي حمايت رکندڙ جماعت کي باغين جي جماعت قرار ڏيارڻ لاءِ ڏنل سرڪاري هوڙ دنگن جي لکيل تفصيل بابت لکي ٿو ته:
”هتان (سنڌ مان) رپورٽ اماڻي ته فقيرن گهڻائي ماڻهو ڪٺا ڪيا آهن، ۽ بغاوت لاءِ سنڀريو ويٺا آهن. بغاوت جي ڳالهه ٻڌي دهليءَ جي درٻار، فقيرن کي بنهه ختم ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا. انهيءَ تي آسپاس جي سڀني زميندارن ۽ حاڪن، غنڊن جو وڏو ڪٽڪ سنڀرائي، فقيرن تي حملو ڪيو. زبردست جنگ کان پوءِ، شاهه صاحب کي ٺڳيءَ سان، 18 ذي القعده 1129هه تي گرفتار ڪيو ويو، ۽ 9 صفر 1130هه ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيائون.“ (22)
نواب اعظم خان جي ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿيندي ئي، ڏکڻ سنڌ جي زميندارن شاهه عنايت خلاف هُن جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. سيد سبط حسن ’نويد فڪر‘ ۾ لکي ٿو ته:
”نواب اعظم خان کي صوفي شاهه عنايت الله سان ذاتي عناد ۽ وير به هو، چون ٿا ته، اعظم خان هڪ ڀيرو ساڻس ملڻ ويو ته فقيرن اهو چئي روڪي ڇڏيو ته سائين جن ورد وظيفي ۾ مشغول آهن، جڏهن ٻنهي جي ملاقات ٿي ته نواب اعظم خان فارسيءَ ۾ چيو ته:
’درِ درويش را دربان نه شايد‘
(درويش جي در تي دربان سٺا نٿا لڳن)
ان ڳالهه تي صوفي شاهه عنايت الله صاف لفظن ۾ وراڻيو ته:
’به شايد تا سگِ دنيا نه آيد‘
(ٺيڪ آ، جيئن دنيا جو ڪتو اندر نه اچي وڃي،)
اِها ڳالهه نواب اعظم خان لاءِ ذاتي رنجش بڻجي وئي.“ (23)
شاهه عنايت جي شهادت: ان ريت، تاريخ 9 صفر سن 1130هه/1 جنوري 1718ع تي شاهه عنايت (جهوڪ واري) کي ٻن مهينن جي ڊگهيءَ جنگ ڪرڻ کان پوءِ، دوکي ۽ دولاب سان گرفتار ڪري نواب اعظم وٽ آندو ويو ۽ تاريخ 15 صفر، سن 1130هه/7جنوري 1718ع تي سنڌ جو هي سورهيه- پورهيت سرواڻ شهادت جي مرتبي تي وڃي پهتو. صوفي حضور بخش، ڪتاب ’شاهه عنايت شهيد‘ ۾ لکي ٿو ته:
”هن چئن مهينن جي معرڪي ۾، اٽڪل پنجويهه هزار صوفين جانيون قربان ڪيون ۽ شهادت حاصل ڪئي.“ (24)
انهيءَ ڳالهه ۾ وڌاءُ آهي، ها البت جهوڪ جي آسپاس جي ڪُل آباديءَ کي بنا ڪنهن ننڍي وڏي جي تفريق جي ايترو ڳاڻيٽو ممڪن آهي.
هن قتلام ڪرائڻ م دهليءَ جي حاڪم، شهنشاهه فرخ سير سان گڏ ٺٽي جو نواب اعظم خان، ميان يارمحمد ڪلهوڙو، مير شهداد خان ٽالپر ۽ ترجا جاگيردار، سيد ۽ پير شامل هئا، جن ۾ سيد واسع شاهه بلڙي وارو، حمل جت ۽ ارباب نورمحمد پليجو نمايان هئا.
آن ڪ ساٿي ڏِٺَ، جي مون ويڙهه وڃايا،
روئان رت مڃٺ، هاڻي تن هوتن کي.
1، جنوري 1718 تي صوفي شاهه عنايت جي آڏو صلح جي تجويز پيش ڪئي وئي.
”ميان خدايار خان ڪلهوڙي جي پٽ ميان محمد خان ۽ مير شهداد خان ٽالپر ۽ ٻين فوجي سالارن، قرآن کي وچ ۾ آڻي وعدو ڪيو ته فقيرن جي جان ۽ مال کي ڪوبه نقصان نه رسندو.“ (25)
اهي ئي هر دؤر جي استبدادي قوتن جون عياريون ۽ ٽڪساٽ هوندا آهن. هتي به ائين ئي ٿيو. نواب اعظم خان جي خيمي ۾ ’صلح نامي‘ تي صحي ڪرڻ لاءِ رسندي ئي صوفي شاهه عنايت کي هٿڪڙول وڌا ويا. ان کان پوءِ جهوڪ جي وسنديءَ تي حملو ڪيو ويو، ماڻهن جا گهر ساڙيا ويا. ماڻهو ماريا ويا، هر شيءِ کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. جيئن شاهه لطيف، سُر حسينيءَ ۾ چيو آهي ته:
ڏنوءَ لڳو ڏونگر ٻريو، ڀينر کاڻي ڀُون،
من آن لاٿو مون، سندو جيئڻ آسرو.
شاهه عنايت الله جهوڪ واري هن صوفيءَ جي حاڪمن آڏو اِها حاضر جوابي آخري وقت تائين قائم ۽ دائم رهي. نواب اعظم خان سان طويل سوالن ۽ جوابن جي سلسلي ۾ هڪ ڀيرو جڏهن اعظم خان کيس فارسيءَ ۾ چيو ته:
”هاڻ توکي قتل ڪيو ويندو، ڳالهائڻ ۾ ڊيگهه جو ڪهڙو فائدو؟
ان تي شاهه عنايت کيس وراڻيو ته:
هرگز نميرو آنکه دلش زنده شد بعشق
ثبت اســـت برجريدهء دوام مــــا
”اهو ماڻهو جنهن جي دل عشق سان زندهه آهي ڪڏهن اهو به نه مرندو. اسان جي ابديت جي مُهر ڪائنات جي دفتر تي لڳل آهي.“ (26)
سُر ڏهر ۾ شاه لطيف جهوڪ جي استعاري سان چيو آهي ته:
جهڄان پَسئو جهوڪَ، آيل سنگهارن جي،
جَنِ ٿي پَهِي پيارئا، مَنجهان مٽن موڪَ،
لڏي وچان لوڪَ، اُٺي وِئڙا اُڪري.
”جهوڪ کي ڏسي ڪري هانءُ جهڄي پيو، جن ايندڙ مسافرن کي مٽن مان موڪ مهي ٿي پياري، اُهي هستيون هن لوڪ- ماڻهن مان لڏي ڪري هليون ويون آهن.“
اهو بيت، سنگهارن جي حوالي سان، جهوڪ جي هاڃي تي هڪ ڏک هاڻي ڳالهه به ليکي سگهجي ٿي، ڇو ته ’سنگهار‘، پنهنجي علائقي جا جڏا جياريندڙ آهن، ۽ نه رڳو جڏن جا جيءُ جياريندڙ آهن پر جُوءُ به جياريندڙ آهن.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي ڪتاب ’ڪلهوڙا دور حڪومت‘ ۾ هن واقعي بابت لکي ٿو ته:
”ميان يار محمد جي حياتيءَ جي توڙي بنهه آخري زماني ۾، صوفي شاهه عنايت لانگاهه جي شهادت جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو“
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ميان يار محمد 11 ذي القعد 1131هه / 14 سيپٽمبر 1719ع وفات ڪئي، هن کي خداآباد ۾ دفن ڪيو ويو“ (27)
هو ميان نور محمد جي تخت نشيني بابت لکي ٿو ته:
”ميان نور محمد ٻه مهينا والد جي موت جو سوڳ ڪري، پوءِ 11 محرم 1132هه/ 13 نومبر 1719ع تي مسند نشين ٿيو“ (28)
شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جي ملاقات: مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ’لطف للطيف‘ ۾ لکيو آهي ته:
”شاهه لطيف صاحب جي ڦوهه جوڀن جو وقت هو، والد بزرگوار (شاهه حبيب) جيئرو جاڳندو موجود هو. سنڌ جي سير ۽ سالڪن جي صحبت لاءِ جيڪو سوداءِ هن صاحبزادي کي سمايل هو، سو کيس سنڌ جي نامور صوفي شاهه عنايت جهوڪ واري جي ملاقات لاءِ ڇڪي آيو.“ (29)
انهيءَ ملاقات ۾ شاهه عنايت الله صوفي ۽ شاهه لطيف جي وچ ۾ تصوف جي رمزن ۾ بيتن جو تبادلو به ٿئي ٿو، جيڪو مولانا دين محمد وفائي هن ريت بيان ڪيو آهي: ”هي نوجوان عارف، سيد عبداللطيف جو قبض سبط جي ڪشش ۾ ڦاٿل هو، تنهن کي ڏسندي، شاهه عنايت الله جو ڪجهه پهريائين فرمايو سو هيٺيون بيت هو ته:
ڏسي ڏونگر ڏار، متان هلڻ هيري ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،
پويون پائج پرين کي، حقيقت جو هار،
سگهي لهندئي سار، آريچا عنايت چئي.
هن ڪلام ۾ طريقت جي منزلن طئي ڪرڻ ۾ جيڪي مشڪلاتون پيش اچن، تن کي مڙسن وانگي منهن ڏيڻ جو ارشاد ٿيل آهي. جنهن کان پوءِ ئي هڪ سالڪ پنهنجي مقصد کي ماڻي سگهي ٿو. جواب ۾ حضرت ڀٽائيءَ گذارش ڪئي ته:
پسي ڏونگر ڏاهه، متان هلڻ ۾ هيري ٿئين،
پڇي پورج سسئي، مهندا بلوچاڻي باهه،
اِن وڙائتي ور جو، آسرو هڏم لاهه،
اکين اوڏو آهه، پرين پراهون مَ چوين“.
پروفيسر محمد علي مانجهي ڪتاب ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ لکي ٿو ته:
”شاهه لطيف نه رڳو شاهه عنايت سان ملاقات ڪئي هئي پر سندس خليفي ۽ ڪن خاص مريدن سان به مختلف هنڌن تي وڃي ملاقاتون ڪيائين. ننگر ٺٽي ۾، صوفي اسماعيل، شاهه عبدالڪريم ٺٽويءَ جهڙن، شاهه عنايت الله شهيد جي خليفن سان رهاڻيون، مخدوم معين ٺٽويءَ سان سنگت ۽ شاهه شهيد جي فرزند، صوفي سلام الله سان ملڻ لاءِ وڏاپنڌ ڪري وڃي، ناري جي علائقي، تجل ڳوٺ وٽ ملاقات ڪري رهاڻيون ڪرڻ، هن مڪتب فڪر سان سندس وڏي تعلق هئڻ ظاهر ڪري ٿو.“ (30)
شاهه لطيف ۽ شاهه اسماعيل صوفيءَ جي دوستي: پير حسام الدين راشدي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ، ’تحفة الڪرام‘، جي حوالي سان، ٺٽي جي شاهه اسماعيل صوفي جيڪو شاهه عنات ۽ شاهه لطيف ٻنهي جو گهاٽو دوست هو. انهن بابت مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي لکي ٿو ته:
”شاهه اسماعيل سان دوستيءَ سبب ڀانئجي ٿو ته، شاهه سڳوري کي شاهه عنايت شهيد لاءِ قرب ۽ پيار هوندو، ۽ ممڪن آهي ته چند بيت جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾ چيا وڃن ٿا، سي حقيقت ۾ شهادت جي واقعي کان متاثر ٿي شاهه ڀٽائيءَ چيا هجن.“ (31)
اَڃان سي آهِين، جي سَزا وارَ سِڱَينِ جا،
ويٺا وڄائِين، جي سَناسِي تون سُڻين.
جي.ايم.سيد، پنهنجي ڪتاب ’پيغام لطيف‘ ۾، شاهه عنايت لاءِ لکيو آهي ته:
”هن بزرگ، ساري زندگي، عوام جا ڏک ڏاکڙا ڏسي ساڻن گڏ گذاريو، سو مٿس اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو هوندو. مخدوم معين ٺٽوي، شاهه ولي الله جي مکيه شاگرد جو صحبتي، شاهه عنايت صوفيءَ جو لاڳاپو، مخدوم بلال رحه جي سلسلي وارن سان واسطو به اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا هوندا.“ (32)
مولانا دين محمد وفائي، ڪتاب ’لطف الطيف‘ ۾ لکي ٿو ته:
”شاهه عنايت الله صوفي، 1133هه ۾ شهيد ٿيو. اُن وقت شاهه صاحب جي ڄمار ايڪٽيهه سالن جي هئي. صوفي صاحب جي شهادت واري واقعي جو سندس طبيعت تي ايڏو ته اثر ٿيو جو ڪن جو چوڻ آهي ته ’سر رامڪليءَ‘ جي فصل اٺين جا شعر انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي چيا اٿس“ (33)
جي.ايم.سيد جي چوڻ موجب: شاهه لطيف جي سر رامڪليءَ جا، ’اڄ نه اوطاقن ۾‘ وارا بيت، شاهه عنايت واري شهادت تي چيل ڪيڏاري مثل آهن.(34)
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، جاڳرُ جوڳين جو،
ساري سَناسِين کي، رُوئندينءَ تان رو،
پَسُ پاڙِئان تو، لاهُوتي لڏي وئا.
---
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالب توارين،
آديسِي اُٿِي ويا، مَڙهيون مون مارين،
هوءِ جي جيءَ کي جيارين، سي لاهَوتي لَڏي وِئا.
---
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳين جوڙ،
ساري سناسين کي، کامي ٿِيسَ کوڙ،
مَنَ جَنِي سان موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِئا.
---
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
دُونهِين دُکڻُ ڇَڏِيو، پيئِي اُڏامي رکَ،
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
---
اَڄُ نه اوطاقُن ۾، سَندِي بابُن بُوءِ،
ڏوريان گهورِيان، نه لَهان راوَل رَتِيءَ رُوءِ،
هُيَمِ جَنِ سِين هُوءِ، سي آديسِي اُٿِي وِئا.
---
دُونهين ڌنڌَ نه لاٽَ، نه سي جوڳِي جُوءِ ۾،
وِئا ويراڳي نِڪَريِ، چِتَ جني سِين چاٽ،
گهڻا نِهارِيَمِ گهاٽَ، تَنِ سامين جي صحبت کي.
شاهه لطيف جي ڪلام وارو فڪري ۽ فني ڏانءُ، لانءُ ۽ ڀانءُ جو نجو سنڌ ورنو رنگ، سنڌي استعارن ۽ تشبيهن سان ڀرپور ۽ معمور آهي. هن جي چيل ’سُر ڪيڏاري‘ جي جنگي منظرنگاري نج ۽ نبار سنڌي نموني وارو ۽ ڪنهن خاص ۽ اهم ’سنڌي جنگ نامي‘ جهڙو پس منظر رکي ٿي.
شاهه عنايت، ’ڪوٽ‘ ۾ ويهي جنگ ڪري ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ گهڻن ڪوٽن جو ذڪر اچي ٿو. هن وٽ مانجهي ۽ جهونجار مڙس مٿير گهوٽ مثل آهن. جن جا گهوڙا ۽ هو پاڻ به ٿورا ڏينهن جيئن ٿا.
گهوڙَن ۽ گهوٽِن، جِيَڻُ، ٿورا ڏِينهَڙا،
ڪَڏِهَنَ مَنجهِه ڪوٽَن، ڪَڏهِن راهِي رِڻَ جا.
شاهه لطيف، هڪ سنڌي پس منظر واري جنگ بابت چوي ٿو ته: ”بهادر، بهادرن سان گڏجي جنگ لاءِ نڪتا آهن. سندن کڙڪ (تلوارون)، ڌڪن مٿان ڌڪ هڻي، دشمن جي ڌڙن کي سٿيندا ٿا وڃن. هو هاڪاري ڌڪ هڻن ٿا، دشمن ڪِرن ٿا ۽ ڪونڌر نچن ٿا. سڄو رڻ گجي ٿو ۽ روڄ راڙو ٿئي ٿو.“
بَهادُرَ گَڏئا بَهَادُرين، کَڙڳَ کِلِولِ ڪَنِ،
وِجَهن ڌَڙَ ڌَڙَن تي، هوڪارِينِ هَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُنڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئوَ رَاڙو ٿيو.
هو اهڙي آبرو مندانه جنگ جي وقت ۾، ڇاتيءَ تي ٻڌڻ واري زره پائڻ کي جهونجهارڪي ريت ڪري نٿو ڄاڻي، ڇو ته، ”جنگجو ۽ سورهيه اِهو انسان آهي، جيڪو رڳو جنگ جي طلب ڪري ٿو.“
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَرَ جو پائي،
اَڃا اُن کي، جِيَڻَ جو آ سانگو آهي،
سُورهيُه سو چائي، جو رُڳوئي رڻ چڙهي.
جنگ جي وقت، سڀ اڳيان اچي وڙهندڙ، ’سائو‘ نه هوندا آهن. جنگ جي ميدان ۾ سر اُهي ڏيندا آهن جن لاءِ موٽڻ مهڻو ۽ هڪ وڏي معيار هوندي آهي.“
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائوُ سَڀ نَه هُون،
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميهَڻوُ.
شاهه لطيف جي سر ڪيڏاري وارو هي سمورو جنگي منظرنامو سنڌي آهي، جنهن ۾ تلوار جو هڪ سنڌي نالو، ’سانگ‘ ٻڌايو ويو آهي:
آيا اُجارين، تَنڪَ تَراريون تيوَرا،
سانگيون سائُن هَٿَ ۾، ڪُلهنئُون نه لاهِينِ،
اُڀا ئِي آهِينِ، مَهَائِين مَرَڻَ تي.
ڏِٺو ڪالهَه ڪَنهِين، جونجهارڪو جهَڳَڙو،
هاٿِين هَڏَ مُچَائِيا، ريلي رَتُ نَئيِن،
ڀانئينِ سا سَنئيِن، جِتان جيءَ جوکو ٿئي.
سُر ڪيڏاري ۾ شاهه لطيف جيڪي مهاين، سائوندن ۽ جونجهارن جي ونين جا رت رتولي راند وارا احساس بيان ڪيا آهن، سي سنڌي سماج جي جهونجهارن، سائوندن ۽ سوڍن جي ونين جا آهن. هُو چوي ٿو ته:
”جنگ جي ميدان مان منهنجو مڙس ڀڄي ويو، اهو ڪونه چوندس، ماريو ويو ته اهو مڃيندس. هن جي منهن ۽ سيني تي ڌڪ لڳل هجن ۽ آءٌ انهن جي ٽاڪور ڪندي هجان ۽ ان وقت ته آءٌ شرم کان مري ويندس جو ڪو ڌڪ پٺيءَ تي لڳل هوندو. اهي ونيون، پنهنجن جهونجهارن کي مري سوڀارو ٿيڻ لاءِ آڀارين ٿيون.“ (35)
ڀَڳو آن نه چَوان، جي ماريو تان وِسَهَان،
ڪانڌَ مُنھَه ۾ ڌَڪَڙا، سيڪيندي سُنهان،
ته پُڻُ لَڄَ مران، جي هُونِسِ پُٺِ ۾.
---
مَرُ مَرين، آءٌ روئِين، موٽِي ڪانڌَ مَ آءُ،
مَڇُڻُ تو پُئاءُ، ڪَچو ڪَنَم جيڏيُون.
---
مَرُ مَرِين، آءٌ روئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪَچَنِ وڏا ئِي پاندَ، جِيَڻُ ٿورا ڏِينهَڙا.
جهيڙيندي ڇڏيا: شاهه لطيف، پنهنجي سماج کي ڪاري بادل هيٺ جياپي جي جنگ ڪندي ڇڏيو. هو، انهن سورهيه سرواڻن کي گهوڙن تي سوار ڏسي ٿو، سندن هٿن ۾ نيزا آهن. هي اُهي انسان آهن، جيڪي بقا جي جنگ تان واپس ورڻ کي طعنو سمجهن ٿا.
مون جهيڙِيندي ڇَڏيا، ڪاري ڪَڪَرَ هيٺِ،
ڪارا ڪُنَدَ هٿن ۾، اَرَلَ وَڇيرا هيٺِ،
ٿي تَنِي سين ڏَيٺِ، موٽڻُ جَني مِيَهڻو.
شاهه لطيف، پنهنجي سهيوڳي شاعرن ۾ سڀني کان گهڻو اعليٰ خيال ۽ سوجهه ٻوجهه وارو انسان هو. هُو تمام گهڻي وطني سوچ رکندڙ ۽ سنڌي عوام جو هڏ ڏوکي هو. هن کي پنهنجي ساڻيھه جي ساڃاهه سجيهه هئي. هو پنهنجي سهيوڳي شاعر، ميين شاهه عنات وانگر قومي بقا لاءِ جهيڙيندڙ مرڪزن مان ڪنهن به هڪ جي به بنهه خلاف نه هو. هن جي ڪلام ۾ پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جا ڏک جهجها ٿا نظر اچن.
”اَلا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
شاهه عنايت سان عبدالحڪيم ’عطا‘ ۽ ميين شاهه عنات جي مخالفت: سيد محمد مطيع الله ’راشد‘ برهانپوري، ’ديوان عطا‘ جي مقدمي ۾ شاعر، عبدالحڪيم ’عطا‘ جنهن پاڻ به مغل شاهيءَ ۾ وڏا عذاب ڏٺا ۽ هڪ پٽ به شهيد ڪرايو، ان هوندي به هو صوفي شاهه عنايت جي برخلاف ٿيل مذهبي ۽ رياستي الزامن جي هلايل مهم کان متاثر نظر ٿو اچي، هو لکي ٿو ته:
”’عطا‘ جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته ”عطا“، شاهه عنايت جي خلاف اٿاريل پروپئگنڊا کان متاثر هو، ۽ سندن مخالف هو. هڪ اردو غزل ۾ هن، فقيرن جي فراغت سان حياتي گهارڻ تي طنز ڪندي، کين ’عنادي‘ سڏيو آهي. هيءُ غزل، مخطوطي ۾ ڪجهه تصرف سان ٻن هنڌن تي آيل آهي، جو اردو ڪلام جي ضمن ۾ لکيو ويندو. هتي انهيءَ بنسبت ٿورا شعر پيش ڪجن ٿا:
”عطا“ اس بھوک سوں ہم لوک رہتا
ز با افراط افطار فقیران
چگو نہ سند بستا باز سکھ سوں ز خوردن ساگ لوی سوک رہتا
کئیوں رجنا بہ آدھی بھوک رہتا
عنادی گر میانِ جھوک رہتا
ٽن شعرن جو هڪ ٻيو به قطعو آهي، جو به مبهم ته آهي پر انهيءَ ۾ شاهه صاحب جي قتل ٿيڻ ۽ گرفتار ٿيڻ جون ٻئي تاريخون موجود آهن. لفظ اهڙا ته استعمال ڪيا اٿس جو معاذالله ائين ٿو ڀانئجي ته شاهه صاحب جي الحاد جا افواهه ڦهلائي، سندن خلاف نهايت ئي زهريلي فضا پيدا ڪئي وئي هئي. اهو تاريخي قطعو هي آهي:(36)
سنہ غین و قاف و فزول لام بود
1000 100 30
بسیرت فقیر و بوضع شریر
خرد سال تاریخ از اخذ او کہ پیدا شد اس سند مکار دیو

غبار و عناد است اطوار دیو
بگفتا گرفتار ادبار دیو
1129
اُن ريت اُنهيءَ پرآشوب دور ۾ سنڌ جا ٻه وڏا شاعر، هڪ سنڌي اساسي شاعر، مييون شاهه عنات ۽ ٻيو فارسيءَ جو شاعر، عبدالحڪيم ’عطا‘، مغل شاهيءَ جي هن ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف اُٿي بيهندڙ، ڏکڻ سنڌ جي هن ’حق پرست‘ مرڪز خلاف سرڪاري ڌر جي خاص ۽ اهم صورت ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.
سنڌ جو هڪ صوفي ۽ اساسي شاعر، ميون شاهه عنات، شاهه عنايت شهيد سان ذاتي مخالفت ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو جو هن، ميان يار محمد ڪلهوڙي کي شاهه عنايت کي ختم ڪرڻ لاءِ همٿائيندي چيو ته:
تون طرو طريلن جو، تنهنجي خانيءَ کاڌا لَکَ،
يار محمد يار خدا جا، وهلا وارج وَڳَ،
هيءَ جا ٺڳي ڪئي آهي ٺڳ،
سا وڃي لاهي آ لِکَ لانگاهه جي.
ميون شاهه عنايت، شاهه عنايت شهيد خلاف، مغلن جي انهيءَ هلان تي ميان يارمحمد ڪلهوڙي کي شاباش ڏيندي چوي ٿو ته:
تو وَنگو وِنگو نائيو، ڪڇ، پارڪر، پَٽ،
سوڍا سلامي ٿئا، ڍل ڀريندو ڍَٽ،
چڙهي ڪئي چَٽ، جا هئي لِکَ لانگاهه جي.
صوفي لاڪوفي: سُر ڪلياڻ ۾ صوفين بابت چيل هي بيت، گهڻن عالمن جي چوڻ موجب: شاهه عنايت شهيد بابت چيل آهن، اُنهي دور ۾ شاهه عنايت الله جهڙو ڪوبه صوفي موجود ڪونه هو، ۽ اُن دور جي معروضي حالتن موجب، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ راز ۽ ڳجهه ۾ ڳالهائڻ جو ذڪر به موجود آهي. هڪ جڳهه تي سُر مارئيءَ ۾ شاهه لطيف سائين چوي ٿو ته:
”ڳجهو ڳالهائج، گڏجي گاموين سان.“
شاهه لطيف چوي ٿو ته ”صوفي لاڪوفي“ آهي، ڪنهن به فرقي جو نه آهي، هو اندرئي اندر ۾ وڙهي ٿو، هن جو قدم ظاهر نه آهي، جيڪي هن سان دشمني رکن ٿا، حقيقت ۾ هي اُنهن جو مددگار ۽ واهرو آهي.
صُوفِي لا ڪُوفِي ڪونه ڀانئيس ڪيرُ،
مَنجهائِين مَنجِهه وِڙهي، پَڌَرِ ناهِسِ پيرُ،
جَنِي ساڻُسِ ويرُ، ٿِيي تَنِي جو واهَرُو.
شاهه لطيف، صوفيءَ بابت چوي ٿو ته:
”صوفي ائين ديدار پسي ٿو، جيئن رڳن ۾ ساهه آهي. هو ڪابه ڳجهي ۽ راز واري ڳالهه ظاهر ڪرڻ کي عين گناهه سمجهي ٿو.“
صُوفِيءَ سَيرُ سڀَنِ ۾، جِئَن رَڳُنِ ۾ ساهُه،
سا نه ڪَري ڳالَهَڙِي، جا پَرُوڙِي پَساهَه،
آهِسُ اِيءُ گُناهُ، جِئَن ڪا ڪَري پَڌَرِي.
شاهه لطيف چوي ٿو ته: ”اهي صوفي، سلامتيءَ سان وڃي منزل کي پهتا، جي گهڻن سان ياريءَ ۾ نه آهن، عشق جي راند کين نيبهه هجي، جنهن کي هو ذري برابر وسارڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن جي ياري سدائين پِريان سان آهي. انهيءَ مستيءَ ۽ اڻهوند واريءَ تمنا ۾، هو پرين سان وڃي پَهڪار ٿيا جو هو يڪ نظر ۽ يڪسو هئا.“
صُوفِي سالِمُ سي وِئا جي اَڪثِرَ سِين اَڏِيارَ،
بازِي بازِندَنِ کي، آهي اَويسار،
پِريان سِين پَهڪارَ، رِنديءَ رَساڻِي ڪِئا.
سچا صوفي، سُک ۽، آرام ۽ سهنج هوندي به اهنج پيا گذارين. هو انهيءَ ڪارڻ صوفي بڻبا آهن، جيئن هُنن پاڻ سان گڏ نفيءَ جو سامان گڏ کنيو آهي ته هُو ’ڪين‘ کنيو ٿا وتن.
ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِنِي راضِي رَهيا،
صُوفِي تي ٿِيا، جِئن ڪِين کَنيائُون پاڻَ سِين.
صوفين وٽ خواهشون نه هونديون آهن، نه ئي وري مٿي تي وڏ ماڻهپي ۽ عالم هئڻ واري ’ڪُلاه‘ (هڪ قسم جي ٽوپي) پائيندا آهن. هو ته انهي ’ڪلاه‘ کي آڳ ۾ کڻي وجهندا آهن.
صُوفِي چائين سَڌ ڪَرين، صُوفيءَ ايءَ نه صَلاح،
ڪاٽي وِجهُه ڪُلاهَ، هَڻُ اُڇَلي آڳِ ۾.
صوفياڻي ٽوپي، مٿي تي پائڻ گهرين ٿو ته پهرين صحيح نموني ۽ طريقي وارو سچو صوفي بڻجي وڃ! زهر جي وٽيءَ وارو ڀريل پيالو پيءُ ڏيکار. هيءَ دنيا انهن جو ماڳ آهي جن اعليٰ روحاني منزل (حال) کي حاصل ڪري ورتو آهي.
ڪُلاهَ رَکين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِهَ وَٽِي هَٿِ ڪَري، پُرُ پِيالو پِيءُ،
هَنڌُ تَنِي جو هِيءُ، جَنِي حاصُلُ ڪِئو حالَ کي.
شاهه لطيف، انهن صوفين کي جيڪي مري مات نٿا ٿين، سدائين زندهه قرار ڏي ٿو. اهي صوفي، جيڪي هن ظاهري زندگيءَ واري موت کان اڳ مري چڪا آهن، جن پنهنجيون سموريون سڌون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
مَرَڻا اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَن نه ماتُ،
هُوندا سي حَياتُ، جِيَڻان جي جِيَا.
صوفي سڏائڻ لاءِ ضروري آهي ته هو ’حال‘ واريءَ منزل تي پهتل هجي ۽ دنيا جي شين تان هٿ کڻڻ ضروي آهي.
حاصُلُ جان نه حالُ، صُوفِي جِمَ سَڏائِيين،
ڪونهي تَنِي قالُ، وَٿُون جَنِ وِڃائِيُون.
اهڙا صوفي، ظاهري تعظيم ۽ تعريف ڪرائڻ کان پري ٿي چڪا آهن. هنن کي تعريف ۽ واکاڻ هرگز ڪانه ٿي وڻي، هو ’بي حد‘ واري منزل تي وڃي پهتا آهن.
تَعظِيمان تَرَڪُ ٿِئا، واکاڻان وِئا،
وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.
”اي الله! آءٌ هنن کي ڪيئن ڳولي لهندس، جيڪي ’وحده‘ ۾ ئي فنا ٿي ويا. آءٌ انهيءَ پانڌيءَ کي ساهه ڏيندس جيڪو هنن جو نياپو کڻي ايندو.“
ڪِئَن آن لَهَندِي سي، اي يا اَللهَ!
ڪِئَن آن لَهَندِي سي، ”وَحَدَهُ“ جي وَڍِيا،
.......
سِسِي ڏِيان ساهَ سِين، يا اللهَ!
آءٌ تَــنِــھِ پانڌِيءَ کي.
شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي سماع: شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو ’راڳنامو‘، صوفي صادق فقير گهڻو پوءِ، شاهه لطيف جي ڪلام جي طرز ۽ سُرن وانگر جوڙيو هو، جڏهن ته:
”شاهه عنايت جي شهادت کان اٺ سال پوءِ، سندس درگاهه تي شاهه لطيف جي حياتيءَ ۾ ئي، سماع جو سلسلو، سندس فرزند، صوفي عزت الله شاهه شروع ڪرايو.“ (37)
اُنهيءَ راڳ نامي جا ستاويهه سُر، شاهه لطيف جي رسالي جا آهن ۽ گهڻو تڻو ڪلام به شاهه لطيف جوئي آهي.
صوفي صادق فقير، شاهه لطيف کان گهڻو متاثر آهي، هو شاهه لطيف کي ’ڪاپڙي‘ جي نالي سان ڪوٺيندي، سندس ئي بيت جي وزن تي چوي ٿو ته:
ڪي جو چيو ’ڪاپڙيءَ‘، سو ’صادق‘ سياڻون،
آ مڙوئي مينڌرو، پر پنڌُ پراهون،
سڀ تو منجهه سيباڻون، تون مڙني ۾ محيط ٿئين.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جهوڪ جي درگاهه تي، لطيفي راڳ نامي بابت لکي ٿو ته:
”سن 1210هه-1250هه واري عرصي ۾، ’شاهه جي رسالي‘ کي خاص طرح راڳ جي لحاظ سان سُرن ۽ داستانن ۾ ورڇيو ويو. اهو پهريون ’راڳنامو‘ هو، جيڪو سنڌ ۾ مرتب ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ٿوري عرصي بعد فقير محمد صديق جي شروع ڪرايل راڳ ۽ ان راڳ ۾ ڳايل ڪلام بابت ’راڳنامو‘ تاليف ڪيو ويو ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌي راڳ جي تاريخي روايت ۾ هي ٻيو ’راڳنامو‘ هو، جيڪو شاهه جي رسالي واري ’راڳنامي‘ کان پوءِ مرتب ٿيو.“ (38)
شاهه لطيف جو رسالو، اوائل کان وٺي، سُرن ۽ داستانن ۾ ورڇيل هو. اِها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ وارن، ’شاهه جي ڪلام‘ کي سهيڙيندڙن اُن جي ترتيب ’سُر سسئيءَ‘ جي بدران، ’سُر ڪلياڻ‘ کان شروع ڪئي آهي. شاهه عنايت جي شهادت، 1130هه/1718ع کان اٺ سال پوءِ ۽ سن 1726ع کان سماع جي شروعات ڪئي وئي.
شاهه عنايت شهيد جي جهوڪ واريءَ درگاهه تي اوائلي دور ۾ لطيفي راڳ ڳايو ويندو آهي. اهو تعلق جهوڪ واري شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي ڄڻ گهري تعلق کي ظاهر ڪري ٿو.
شاهه عنايت الله جي درگاهه تي اهو ’سماع‘ ٻن نمونن ۾ ٿيندو آهي: ”هڪ درگاهه جو راڳ، جنهن کي ’سماع‘ سڏيو ويندو آهي ۽ ٻيو مرشد جي ’حاضريءَ جو راڳ‘ جيڪو بنا ساز ۽ سرود جي سجاده نشين مرشد آڏو ڳايو ويندو آهي.“ (39)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:
”اوائلي دور ۾ اهڙو راڳ انهيءَ ٿلهي تي ڪيو ويندو هو، جتي شاهه عنايت شهيد، جو خاڪي بُت آڻي رکيو ويو هو. هاڻ اهو راڳ- سماع اندر ايوان ۾ ٿيندو آهي.“(40)
هاڻ اِهو راڳ هڪ وائيءَ کان شروع ٿيندو آهي، جنهن کي اُتي جا راڳي ’صدا‘ چوندا آهن. ’سُر سورٺ- راءِ ڏياچ‘ ۾ شاهه لطيف ’سِرَ جي صدا سُر ۾‘، هئڻ جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:
مَحَلين آيو مَڱڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِرَ جي صَدا سُرَ ۾، گهورَ هَڻِي گهُرندو،
مَٿي رِءَ ملُوڪَ جي، چارَڻُ نه چُرَندو،
جهُوناڳڙهُه جهُرَندو، پُندِي جانءِ جهروڪَ ۾.
ميين شاهه عنات پاران ڪلهوڙن جو ن ڳاهون: ميون شاهه عنات رضوي، ڪلهوڙن جو وڏو حامي ۽ حمايتي هو، پر هو هڪ گهٽ عمل ۽ ردِعمل واريءَ سماجي سوجهه ٻوجهه وارو انسان هو، هن جو سياسي ادراڪ ڪو اعليٰ درجي وارو نه هو. سچا صوفي ۽ تصوف جي مارڳ تي هلندڙ انسان ڪڏهن به ڌُر نه هوندا آهن، ان ڪري هُو صوفي شاعر به جهڙوڪر نه هو. هن، ميان نصير ڪلهوڙي لاءِ دعا ۽ ساراهه ڪئي آهي ته:
* نسريو آهي نصير، چانڊڪيءَ ۾ چنڊ ٿي.
ان ريت هو ميان يار محمد جي به ساراهه ڪري ٿو،
* يار محمد يار خدا جا، وهلا وارج وڳ.
ان ريت هو ميان نورمحمد جي به ساراهه ڪري ٿو ۽ هن لاءِ دعاڳو آهي:
* ميان نور محمد تي، آگو مهربان.
اڳتي هلي، ميين شاهه عنات جي خاندان مان، سندس پوٽو، قطب شاهه وري ڪلهوڙا حاڪمن کي پِٽي ٿو،
نڪي طبل تانهجو، نڪي ندي نير،
ڪلهوڙي جو ڪير، پٽيوسين، پاتار مان.
---
الله حسبي، ڪلهوڙي کان کسبي،
ٽالپر کي ڏسبي، تهان پوءِ پسبي.
پٽن پاراتن وارو اِهو نمونو قطعي طور تي صوفياڻو دڳ ناهي. ائين وسهڻ ۾ اچي ٿو، اُن دور جو معاشرو به اڄوڪيءَ سنڌ وانگر، مسهپ جو شڪار هو، ۽ ان ۾ تصوف واريون خانقاهون به شامل ٿي ويون هيون. ان ڪري شاهه لطيف، سهپ ڌارڻ جي وڏي تلقين ڪئي آهي.
”نمي کمي نهار، ڏمرو وڏو ڏک“.
شاهه لطيف به سنڌ جي ڪن حاڪمن کي ساراهيو آهي، جيڪي کانئس گهڻو آڳاٽي دور جا عوام دوست ڪردار رکندڙ هئا. جهڙوڪ: ڄام تماچيءَ جي ساراهه هن ريت ڪئي اٿس.
وڏي ڄام ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون.
ان جو مک ڪارڻ انهن حاڪمن جو عوام ۽ پورهيت دوست ڪردار هو. ڄام تماچي ’نوريءَ‘ سان شادي ڪري، ڪينجهر جي اِنهن مهاڻن جي زندگيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو.
ميءَ هَٿَ ۾ مَڪُڙي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ،
سڄو ڏِينھن شڪارُ، ڪِينجُهر ۾ ڪالهه هئو.
ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾، سيد حسام الدين شاهه راشدي، شاهه عنايت سان منسوب هڪ روايتي بيت تصديق نه ڪندي به هن طرح ڏنو آهي ته:
ڪاهي ڪلهوڙو آئيو، ڪري مَندي صلاح،
اچي اَڙيو اُنهن سان، جنهين وٽ الله،
ڪلهوڙي جي باهه، وساڻي وَرهين کي.
انهيءَ قومي هاڃي جو مُک ذميوار، دهليءَ جو حاڪم، فرخ سير ۽ ٺٽي جو نواب اعظم خان ئي هو، جنهن کي شاهه عنايت الله جي کري صوفياڻي جواب جي ڪري، هن جي ڪوڙي نوابيءَ واري اَنّا، مجروح ٿي ۽ هُن جي صاحبيءَ تي ڄڻ ته ڪو حرف ٿي آيو. ان جنگ ۾ ٻي مُک جوابدار ڌر، تر جا وڏيرا، پير ۽ زميندار هئا. باقي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر ته شاهن جي شاهيءَ جي اشاري تي چُرپُر ڪندڙ اُن دور جي ۽ هن اڄوڪي دور واريءَ سنڌ جا ساڳيا ونگارو ڪردار هئا، جيڪي ڪنهن به قومي ۽ سماجي اصول ۽ اخلاق، مان ۽ مريادا وارن گُڻن کان بنهه آجا لوڪ هئا ۽ آهن.

حوالا

1. سبط حسن، 1982ع، واديء سندهه کا سوشلسٽ صوفي، مرتب: سبط حسن: نويد فڪر، کراچي: مکتبه دانيال، ص 183-182
2. اميني، مولوي محمد تقي؛1955ع ”اسلام کا زرعي نظام، دهلي: ندوة المصنفين، اردو بازار، جامع مسجد، ص 191
3. ساڳيو ، ص 191
4. ساڳيو ، ص 119
5. ساڳيو ، ص 123
6. ساڳيو ، ص 125
7. ساڳيو ، ص 135
8. ساڳيو ، ص 191
9. برهانپري، سيد محمد مطيع الله ’راشد‘؛ تصحيح و مقدمه ’عطا‘ تـتوي، عبدالحڪيم ، مؤلف، 1959ع، ديوانِ عطا، حيدرآباد، سندهي ادبي بورد، ص 38
10. سبط حسن، 1982ع، واديء سندهه کا سوشلسٽ صوفي، مرتب: سبط حسن: نويد فڪر، کراچي: مکتبه دانيال، ص 181
11. برهانپري، سيد محمد مطيع الله ’راشد‘؛ تصحيح و مقدمه ’عطا‘ تـتوي، عبدالحڪيم ، مؤلف، 1959ع، ديوانِ عطا، حيدرآباد، سندهي ادبي بورد، ص 38-37
12. راشدي، سيد حسام الدين ،1981ع، شاهه شهيد جي سوانح جا ماخذ: مرتب: راشدي سيد حسام الدين ، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ڪراچي/حيدرآباد: انجمنِ تاريخ سنڌ، ص 256-255
13. ساڳيو، ص 350
14. ساڳيو، ص 338
15. سبط حسن، 1982ع، واديء سندهه کا سوشلسٽ صوفي، مرتب: سبط حسن: نويد فڪر، کراچي: مکتبه دانيال، ص 202
16. پنهور ايم.ايڇ، سنڌيڪار: سومرو، عمر 2013ع، سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا ڇهه هزار سال، ڪراچي: عمر سومرو اڪيڊمي، سنڌ، ص 207-205
17. جويو، محمد ابراهيم،2006ع، شاهه سچل سامي ، ڇاپو پهريون، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، ص 57
18. ساڳيو، ص 50
19. ساڳيو، ص 50
20. ساڳيو، ص 50
21. برهانپري، سيد محمد مطيع الله ’راشد‘؛ تصحيح و مقدمه ’عطا‘ تـتوي، عبدالحڪيم ، مؤلف، 1959ع، ديوانِ عطا، حيدرآباد، سندهي ادبي بورد، ص 38
22. ساڳيو، ص 38
23. سبط حسن، 1982ع، واديء سندهه کا سوشلسٽ صوفي، مرتب: سبط حسن: نويد فڪر، کراچي: مکتبه دانيال، ص 208
24. حضور بخش، صوفي، 2007ع، صوفي شاهه عنايت شهيد، ڪراچي : سنڌيڪا اڪيڊمي، ص
25. قانع، مير علي شير 1957ع، مقالات الشعراءَ، کراچي: سندهي ادبي بورد. ص 33
26. ساڳيو، ص 34
27. لاکو، غلام محمد ، 2004ع، ڪلهوڙا دور حڪومت، ڪراچي: انجمن اتحادِ عباسيه پاڪستان، ص 121
28. ساڳيو، ص 121
29. وفائي، دين محمد ،1951ع، ،لطف اللطيف، ،ڇاپو ٻيو، ڪراچي: وفائي پبلشنگ هائوس، ص 71- 70
30. مانجهي، محمد علي،
1672 ڀيرا پڙهيو ويو